اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجو??نن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪر?? لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حوالي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي سربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجو??نن جي تربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مختلف ??رو??رامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجو??نن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪر?? لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجو??نن کي انڊسٽري جي ضرورتن موجب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائ?? لاءِ هنرمند بڻائڻو پوندو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪر?? لاءِ انڊسٽري سان گڏ رابطا ضروري آهن، نوجو??نن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.