اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ??ري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملي?? غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، ج??ڪڏ??ن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا ب?? تبديلي ناهي ??ئي وئي.