مڪه مڪرمه – 09 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ بيت الله ۾ نف?? ادا ڪيا. وزيراعظم جي لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا خصوصي طور تي کوليا ويا ج??ي هن نف?? ادا ڪرڻ کانسواءِ مسلمان امت سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن مسجد نبوي ۾ رهندي وزيراعظم کي خصوصي طور تي رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو جنهن کي الحجرت النبويات الشريفه به چيو وڃي ٿو. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ تي هديه عقيدت پيش ??يو. هن وفد سان گڏ هتي روزو افطار ڪيو، مغرب جي نماز ادا ڪئي، نف?? پڙهيا ۽ مسجد نبوي صه ۾ نماز ادا ڪئي.