اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن ما?? 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 857 ماڻهن ج?? ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 100 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 67 سيڪڙو ۽ صوابي ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 591 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ما?? سنڌ ۾ 12 هزار 881، پنجا?? ۾ 28 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 07، اسلام آباد ۾ 5 هزار 344، بلوچ??تا?? ۾ 1 هزار 96، گلگت بلت??تا?? ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 1086 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ما?? صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76 هزار 605 ٿي چڪو آهي. گگت بلت??تا??، آزاد ڪشمير ۽ بلوچ??تا?? ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 559 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 935 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 78 هزار 238 آهي.