دوشنبي_30 مارچ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان ??سئ??ي جو ڪو مستقل حل نه آهي،گذ??يل ڏينهن دوشنبي ۾ نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس اجلا س جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان سڄي دنيا آگ??ه آهي،اسان مستقبل تي نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان ??سئ??ي جو حل نه آهي،هن چيو ته پاڪستان هميشه کان اهو چوندو رهيو آهي ته افغانستان ??سئ??ي جو فوجي حل نه آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه سڀني کي ذهن ??شي?? ٿي چڪي آهي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي،پرڏيهي وزير چيو ته مان اهو ڪڏهن ب?? نه چوندس ته ائين ڪرڻ آسان هوندو پر اسان سڀني کي اڳيان وڌڻوپوندو.شاه محمود قريشي چيو ته گذ??يل ڏينهن منهنجي ترڪ پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي رهي. استنبول ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اڄ منهنجي افغان صدر ۽ افغان پرڏيهي وزير سان ملاقات طئي آهي. اي پي پي/ ع – ا 12:50