اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي را??طن ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيح?? شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ڪندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپڪس ??مي??ي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شا??ه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صو??ن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.