اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻه?? جي لاءِ خودمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشنز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳ??لهه گڏيل قوم?? جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري گڏيل قوم?? جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گڏجي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جوڙيو.