اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ قومي غذائي تحفظ واري ??فاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته درآمد ٿيل ڪ??ڪ جي 66 هزار ٽن جي پهرين کيپ ڪ??اچ?? ۾لنگر انداز ٿي وئي آهي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان پهرين ئي قي??تن ۾ سئو کان ڏيڍ سئو روپين تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، سيپٽمبر تائين 4 لک 88 هزار ٽن جا چار جهاز پاڪستان پهچي ويندا جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ قي??تون مستحڪم ٿي وينديون، مستقبل ۾ ان بحراني ڪيفيت کان بچڻ لاءِ، ننڍي، ڊگهي ۽ وچولي مدي واري حڪمت عملي هينئر کان اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، معياري ۽ خالص ٻجن جي نشاندهي جو آغاز ٿي ويو آهي، جنهن جي نشاندهي بروقت ڪئي ويندي ته جئين دهان، ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته درآمد ڪ??ڪ جي پهرين کيپ ڪ??اچ?? ۾ لنگر انداز ٿي وئي آهي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪڻڪ پهچي ويندي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي قي??تن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي اٽي ۽ کنڊ جي قي??تن ۾ لاٿ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جنهن هٿرادو بحران پيدا ڪري قي??تن ۾ اضافو ڪيو ۽ عوام سڌو سنئون متاثر ٿي، ڪووڊ هجي يا ڪا ٻي بحراني صورتحال سنڌ حڪومت سدائين مسئلن تي سياست ڪئي آهي ۽ پنهنجي ناهلي ۽ بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ ان جو الزام وفاق تي لاڳو ڪيو، وفاق 14 کرب کان وڌيڪ جيڪي فنڊ سنڌ کي ڏنا، اهي ڪٿي لڳايا ويا انهن جو جواب ڏيڻو پوندو، سنڌ جي شهري علائقن کانسواءِ ٻهراڙي جي صورتحال خراب آهي، هن لاڙڪاڻي کي ڪ??اچ?? بڻائڻ بدران ڪ??اچ?? کي لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا حڪمران بي نقاب ٿي رهيا آهن، نواز شريف جن ڪيسن ۾ گهربل آهي جنهن عرصي لاءِ کيس ضمانت ڏني وئي هئي هن قانون کي سرِعام مذاق اڏايو ۽ لنڊن جي کلي فضائن ۾ ڪافي پئي رهيو آهي، کيس واپس آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.