اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀا??ت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي غيرقانوني قدم کي ??جاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پنهنجي خ??اب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀا??ت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀا??ت جي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀا??ت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀا??ت جي خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.