اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عمرا?? خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزيراعظم عمرا?? خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضا??و ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته الله تعاليٰ ڪورونا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو ??ڪا?? ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ته حڪو??ت جي ناقص پاليسي سان ڪورونا جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو ??ڪا?? ٿيا. عمرا?? خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آهي، ڪورو??ا 180 ملڪن ۾ آهي ۽ عمرا?? خان جي حڪومت رڳو هتي آهي.