اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پي آءِ اي جي جهاز جي اوچتو حادثي جو ٻ??ي صدمو پهتو آهي، آئون پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد ملڪ سان رابطي ۾ آهيان جيڪو ريسڪيو ۽ رليف ٽيم سان گڏ ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان واقعي جي فوري جاچ ڪرائي ويندي. هن ان حادثي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي.