اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قيمتن کي برق??ار ر??يو وڃي ۽ قيمت ۾ اضافي جو بار صارفين تي نه وڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئي کان پيٽرو??يم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي برق??ار رهنديون ۽ پهرين مئي کان به پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 جڏهن ته لائيٽ ڊيزل 118.31 روپين جي پراڻي قيمتن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.