اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتماد?? رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي ??رٽ??ڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي ج?? رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي ج?? رٿ آئين جي ??رٽ??ڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي ??رٽ??ڪل 95 تحت بي اعتمادي ج?? رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي ??رٽ??ڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتماد?? رٿ اچڻي آهي. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتماد?? رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتماد?? رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت ه??ندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي ج?? رٿ آندي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها ??رٽ??ڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند ??وم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي ??رٽ??ڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.