اسلام آباد – 18 ??يب??وري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صف??ي تي نمايان انداز ۾ شايع ??ئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر جي صف??ي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ??ئي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوش?? ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊان جي پهرين صف??ي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، اهو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ??يو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پ?? شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صف??ي تي شايع ??ئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي قومي خبرن جي صف??ي تي شايع ??ئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صف??ي تي شايع ??ري جنهن تي خبر شايع ??ئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.