اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشم??ر جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ پاڪ??تا?? جي نامزد سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪ??تا?? آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چيئرم??ن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪ??تا?? ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين سان سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪ??تا?? جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.