ملتان – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي ڪامياب اجلاس جي انعقاد تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان ??ي ساراهيو پيو وڃي، پاڪستان ايندڙ سا?? مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومتي دور ۾ پرڏيهي وزير جي مقرري نه ڪري پاڪستان ??ي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جو وقار بلند ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه جي اهتمام هيٺ ??ڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي شروع کان خواهش آهي ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ افغانستان ۾ ترقي ٿئي ڇو ته افغانستان ۾ خوشحالي ايندي ته خطي ۾ به امن ٿيندو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افغانستان جي 38 ملين عوام کي بک ۽ غربت کان بچائڻ آهي ۽ پاڪستان ان مسئلي تي اڳرائي ڪري ورتي ۽ افغانستان جي مسئلي تي دنيا کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ??ي ??ڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سا?? نوازيو آهي ۽ آئون ان تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون اين اي 156 جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جو چونڊيل نمائندو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ڀرپور ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ آئون اها خاطري ڪرايان ٿو ته پنهنجي ووٽرن ۽ قوم کي مايوس نه ڪندس، اسان سچي نيت سا?? ملڪي ترقي ۽ پاڪستان جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. معاشي سفارتڪاري تي به ڀرپور ڌيان ??ئي رهيا آهيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي امنگن موجب پرڏيهي پاليسي جوڙي آهي جنهن ۾ سڀني ملڪن سا?? برابري جي سطح تي رابطن کي قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آهي. ان ??ان پوءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه، ملڪ عثمان ??ٽه ۽ ٻين سا??ين سا?? گڏ او آءِ سي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي ڪيڪ ڪٽيو، ان ??ان اڳ هن ملتان ۾ مملڪتي وزير ملڪ عامر ڊوگر، بئريسٽر عثمان ??وگر، ملڪ عدنان ??وگر جي والده مرحومه جي رسم قل خواني ۾ شرڪت ڪئي.