راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات د??ران گڏيل دلچسپي ??ي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانس??ان ??ي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امد??د ۾ سهڪار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ وا??ي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته پاڪس??ان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ افغانس??ان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي چيف افغانس??ان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪس??ان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ سمورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي پاڪس??ان جي ڪردار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خاص ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪس??ان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.