اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته دنيا افغا??ست??ن تي ڌيان نه ڏنو ته انساني الميو ??نم وٺي سگهي ٿو، افغا??ست??ن جي هڪ ڪروڙ 40 لک عوام امداد جي منتظر آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 80 لک ڪشميري هڪ کليل جيل ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جيڪو هڪ وڏي قيدخاني جو منظر پيش ڪري رهيو ??هي، ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اجاگر ڪنداسين، منهنجي سياست جو مقصد پاڪستان کي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ مافياز کان پاڪ ڪري ان کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ آهي، نبي ڪريم ﷺ منهنجو رول ماڊل آهي، ڪوشش آهي ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻايان، نبي ڪريم ﷺ جي تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي ٺاهي، قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو معاشرو مهذب نه ٿو بڻجي سگهي، منهنجي سڄي جدوجهد اشرافيه جي خلاف آهي، پاڪستان تي ٻن ڪرپٽ خاندانن حڪومت ڪئي، ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا کي مشڪل حالتن ??ي منهن ڏيڻو پيو، دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان ڪو تعلق نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الجزيره ٽي وي کي انٽرويو ڏي??دي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه عدل، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني مهذب معاشرن جو بنيادي قدر هوندي آهي، منهنجي سياست جو مقصد پاڪستان کي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ مافياز کان پاڪ ڪري ان کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ آهي، عدل، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني مهذب معاشرن جو بنيادي قدر هوندي آهي. هن چيو ??ه افغا??ست??ن کي ڪيترائي بحران درپيش آهن، افغا??ست??ن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 30 لک افغان پناهگير موجود آهن، دنيا افغا??ست??ن تي ڌيان نه ڏنو ته انساني الميو ??نم وٺي سگهي ٿو، نائين اليون ۾ ڪو افغان شهري ملوث نه هو پر افغا??ست??ن تي آمريڪا جي مڙهيل جنگ هڪ جنوني عمل هو. هن چيو ??ه آمريڪا افغا??ست??ن ۾ نام نهاد جنگ جي نالي تي 20 سالن تائين قبضو ڪري رکيو، سمجهه ۾ نه آيو ??مريڪي افغا??ست??ن ۾ ڪهڙا هدف حاصل ڪرڻ چاهيندو هو، افغا??ست??ن جي هڪ ڪروڙ 40 لک عوام امداد جي منتظر آهي ۽ آمريڪا کي هاڻي افغان عوام جو ساٿ ڇڏڻ نه گهرجي. وزيراعظم چيو ??ه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن جتي 80 لک ڪشميري کليل جيل ۾ رهي رهيا آهن ۽ 8 لک ڀارتي فوجين انهن کي کليل جيل ۾ بند ڪري رکيو ??هي، اسان ان معاملي کي هر فورم تي اٿاريو ??هي، اسان اهو معاملو اسلامي تعاون تنظيم ۾ اٿاريو ۽ اسلامي ملڪن سان ڳالهه به ڪئي آهي، اسلامي ملڪن جا ڀارت سان ??نه??جا ??نه??جا لاڳاپا آهن ۽ توهان انهن کان ڪا وڌيڪ اميد نه ٿا ڪري سگهو پر پاڪستان ??نه??جي طور تي اهو ??نه??جو فرض سمجهي ٿو ته ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي اٿاري. هن چيو ??ه جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ ٿي رهيو ??هي ان کي عالمي سطح تي اٿاريو ??هي. هن چيو ??ه 20 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي، ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ اطمينان جو احساس ٿيو، راند توهان کي مشڪل حالتن ۾ وڙهڻ سيکاري ٿي، توهان جي ناڪامي توهان جو بهترين استاد آهي جيڪا توهان کي مقابلو ڪرڻ سيکاري ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه منهنجي والده پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ طور ڏسڻ چاهيندي هئي، والده جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه ڪو به معاشرو قانون جي حڪمراني کانسواءِ قائم نه ٿو رهي سگهي ۽ ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏي ٿي، پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي، ملڪ جي بدحالي جا ذميوار ڀٽو ۽ شريف خاندان آهن، ڀٽو ۽ شريف خاندانن وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو، اسان ملڪ کي خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جو مقابلو ٻن اهڙن خاندانن سان آهي جيڪي دولت سان مالامال آهن، ڀٽو ۽ شريف خاندان سياست نه خانداني نظام قائم ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته پاڪستان جي بدحالي جا ذميوار به اهي ئي ٻه خاندان آهن. هن چيو ??ه کنڊ اسڪينڊل تي حڪومت حرڪت ۾ آئي جڏهن ته وزيرن جي خلاف بدعنواني جا الزام سامهون آيا ته پاڻ شفاف جاچ ڪندس. وزيراعظم عمران خان چيو ??ه منهنجي والد پاڪستان جي ??نه??جي نوعيت جي پهرين انجنيئرنگ ڪنسلٽنسي فرم قائم ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ??ه بي جي پي جي حڪومت ڀارت ۽ خطي جي لاءِ خطرناڪ آهي، ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت آهي جيڪا فاشسٽ پارٽي آهي، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري ٿو ته پاڪستان ايترو ئي موثر جواب ڏي??دو جهڙو فيبروري 2019ع ۾ ڏنو هو. ڪورونا بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ??ه مون کي ۽ منهنجي گهرواريءَ ٻنهي کي گڏ ڪورونا ٿي هئي، 5 ڏي??هن مشڪل هئا، ستين ڏي??هن ٻيهر ڪم ڪري رهيو هئس، مڪمل بحال ٿيڻ ۾ 8 کان 9 ڏي??هن لڳا. ڪورونا وبا دوران سمارٽ لاڪ ڊائون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ??ه ان جو رڳو هڪ ئي سبب هو ته مون نه پئي چاهيو ??ه جيڪڏهن آئون ملڪ بند ڪري ڇڏيان ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو ڇا ٿيندو، جن جي خاندانن جو گذارو انهن جي روزاني جي ڪمائي تي هوندو آهي، جيڪڏهن آئون معيشت کي بند ڪري ڇڏيان ها ته ٽيڪسي ۽ رڪشا ڊرائيور ۽ ٺيلهو لڳائيندڙن جو ڇا ٿئي ها جيڪي ??نه??جي خاندانن جي ڪفالت ڪن ٿا، مون غريب طبقي کي ڪچلڻ نه پئي چاهيو، اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ڪجهه علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳايو، آئون اهو برداشت نه پئي ڪري سگهيس ته اهي بک وگهي مري وڃن. هن چيو ??ه هڪ طرف توهان ڪورونا کان ماڻهن کي بچائي رهيا هجو ته ٻئي طرف اهي بک سبب مري رهيا هجن، آئون ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ??ه آئون ٽي سال تمام مصروف رهيو ??هيان ۽ منهنجي ڪا سماجي مصروفيت ناهي رهي، هڪ ئي آپشن آهي ته آئون جابلو علائقن ۾ وڃان، سدائين منهنجو رجحان ماحول طرف هو ڇو ته مون کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ دنيا جا خوبصورت ترين جابلو منظر آهن، آئون سوئيٽزرلينڊ ۽ آسٽريليا سميت هر جڳهه تي ويس پر اها خوبصورتي ڪٿي به نه آهي جيڪا پاڪستان جي هماليه، قراقرم ۽ ٻين جابلو سلسلي ۾ موجود آهي. هن چيو ??ه آئون سدائين حڪومتن پاران ٻيلن ۽ وڻن جي واڍيءَ جي اجازت ڏيڻ بابت سوچيندو هئس، جيڪو ماحولياتي تنزلي، ماحول جي خرابي ۽ جنگلي حيات جي خاتمي جو سبب بڻيو، ۽ اهو وچن ڪيو ??ه جيڪڏهن مون کي ڪڏهن موقعو مليو ??ه آئون ملڪ ۾ ٻيهر ٻيلا پوکيندس ته جيئن جنگلي جيوت واپس اچي، اهو ئي سبب آهي جو اسان بلين ٽري لڳائڻ جو انتهائي پرعزم سونامي شروع ڪيو ??هي، اسان هيستائين اڍائي ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون، روايتي پاڪستاني لباس پائڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ??ه آئون ملڪ جو وزيراعظم آهيان، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو اهڙا ئي ڪپڙا پائين ٿا، آئون ??نه??جي ماڻهن جي نمائندگي ڪريان ٿو منهنجي عوام جيڪي ڪپڙا پائي ٿي آئون انهن جهڙا ئي پهريندو آهيان.