اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصد?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي ??قت??ادي لاڳاپ?? کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ??قت??ادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.