اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عا??مي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستاني نوجوانن جي تربيت سان گ??وگ?? ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا ن??جوان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عا??مي ڪمپنين مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عا??مي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نوجوانن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئرم??ن پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عا??ر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عا??ر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.