اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀا??ر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه شام جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر داريم تب?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ ??هن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول دمشق ۾ شامي رهواسين کي معياري تعليم فراهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو آهي. هن چيو ته هي اسڪول شامي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم فراهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪ??و. ??لاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو و??و. ??لاقات دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان شامي شاگردن کي پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر داريم تبع شامي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پيغام پهاچ??و. ??ن ٻنهي ڀا??ر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.