اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ ق??بل اعتماد دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي ياد ۾ گڏيل لوگو جاري ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ورچوئل تقريب منعقد ٿي، پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي ۽ ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير ??ان پرموڊونائي جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، تقريب جي گڏيل صدارت عالم افتخار احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ)، ۽ ڊرام بونٿم، ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيائي، وچ اوڀر ۽ آفريقي معاملا) ڪري رهيا هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪ?? جي پرڏيهي وزارت ۽ اسلام آباد ۽ بئنڪاڪ جي سفارتخان?? جي عملدارن به شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ ق??بل اعتماد دوست ۽ ٻنهي ملڪ?? جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. ٻنهي ملڪ?? جي ماڻه?? جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان گهرا ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم آهن، ٿائي لينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??ان پرموڊونائي ان موقعي تي پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. 7 ڏهاڪ?? جي ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ٿائي لينڊ ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا. گڏيل لوگو جي نقاب ڪشائي کانسواءِ ”7 ڏهاڪا – 7 سنگ ميل“ جي موضوع تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي.