xاسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچ??تا?? جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ت?? متاثرين جي ڏک جي ان گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون، سينيٽ جي چيئرمين لاڳاپيل ادارن کي امد??دي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي وقت سر ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني به بلوچ??تا?? جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ت?? مارجي ويلن جي پوئينرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.