اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??سٽريليا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آسٽريليا سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پ??شيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آسٽريليا سان ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو پاڪستان ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آسٽريليا ۾ پاڪستان ??ي نامزد هاءِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان ??هن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ??سٽريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻي جي انتظام، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آسٽريليا کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ڪاروباري دوست پاليسيون اختيار ڪي??ن ۽ پ??هنجو ڌيان ??يوسياست کان ??يو اڪنامڪس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ??ردار جي حوصلا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي ??يو ته هو آسٽريليا ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آسٽريليا ۾ پاڪستاني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪي??. صدر زاهد حفيظ چوڌري کي آسٽريليا ۾ پاڪستان ??ي هاءِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي ??يو ته هو پاڪستان ??سٽريليا تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??ي طور تي پنهنجي فرضن کي بهترين طريقي سان ??نجام ڏيڻ تي زاهد حفيظ چوڌري جي واکاڻ ڪئي ۽ ان ??ميد جو اظهار ڪي?? ته هو انهي جذبي سان ??سٽريليا ۾ پاڪستان ??ي هاءِ ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏيندو.