اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ??وش??ون ساراهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي اسڪ??لن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ??وش??ن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين جا ميدان تيار ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آهي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جي ??وش??ن کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ??ه هو ملڪ ۾ پ??ريون ڀيرو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ۾ احسان ماني جي ڪردار کي ساراهي ٿو.