ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي لا??اپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي سي ايف آر) جي وفد هتي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي سي ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪ??ي رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ?? حڪومت جي مدد ڪ??ي رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سفارتڪاري ?? پرڏيهي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏيهي آفيس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪيا آهن، صدر وفد کي خاطري ڪرائي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پرڏيهي آفيس ۽ پي سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط ??ڻايو ويندو. غير ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لا??اپا برقرار رکڻ ۾ پي سي ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پرڏيهي لا??اپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي سفيرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي