اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪ?? ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائ?? هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو ل??ئسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.