اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فرانس جي حڪومت ۽ قيا??ت انتشار ۽ تعصب کي جنم ڏيندڙ قدمن بدران عوام کي متحد رکڻ وارا قدم کڻي ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان جيڪو نقصان ??يندو اهو سالن تي ٻڌل هوندو، فرانس حڪومت ۽ قيادت مسلمانن کي گهيري ۾ آڻڻ واري طرز عمل ۽ قانونن کان ??اسو ڪري، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن جي توهين جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سمورن اقليتن سميت اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ايوان صدر ۾ مذهبي ۽ اقليتي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزار?? ۽ ??مپلي مينٽيشن مينارٽيز فورم جي اهتمام هيٺ مذهبي آزادين ۽ اقليتن جي حقن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي صدر بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ بابت اسلامي تاريخ جا ڪيترائي حوالا ڏنا ۽ چيو ته پيغمبر اسلام صه ۽ خلفاءِ راشدين جا دور بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان ??ثالي دورن جي حيثيت رکن ٿا. اسلام ۾ اقليتن جي حقن جو مڪمل احاطو ڪيو ويو آهي. صدر ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ رهندڙ اقليتي مسلمانن جي تاريخي جدوجهد تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان ??ائم ڪرڻ کانپوءِ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جا اقليتن بابت فرمان اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورن اقليتن جي حقن جو ضامن آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 20، 21، 25 ۽ آرٽيڪل 27 اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪن ٿا. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبرن جو انگ 10 ۽ سينيٽ ۾ 4 آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي آئيني طور تي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين ا??ثق??فتي هم آهنگي جي لاءِ اسان ??نهنجي جدوجهد ۽ ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان جي حڪومت ان حوالي سان ??رعزم آهي. مينارٽيز ڪميشن ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين جي سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين ا??ثق??فتي هم آهنگي جي لاءِ ڪوششن کي هيٺئين سطح تائين وسعت ڏني وڃي. پاڪستان ان حوالي سان ??ڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. صدر ڀارت ۾ انتهاپسنداڻي هندو قوم پرست نظرين جي اثر هيٺ ڪيل فيصلن ۽ ان سان ??يدا ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته هندستان ۾ اڪثريت جي حق ۾ ۽ اقليتن جي خلاف قانون تبديل ڪيا پيا وڃن جنهن سان صورتحال خراب ٿي رهي آهي، اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي ۽ ان سان اقليتن جي قتلام طرف رجحان ??ائم ٿي سگهي ٿو. ڀارت جي پارليامينٽ ۾ مسلمانن جي رڳو ٻه سيڪڙو نمائندگي آهي. صدر چيو ته ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف قدمن ۽ قانونن کي منفي انداز ۾ تبديل ڪرڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي ان سان ??اڪستان تي پڻ اثر پئجي سگهن ٿا. صدر اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن جي توهين جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان حوالي سان ??اضح پيغام ڏنو آهي ته ناموس رسالت صه جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، مسلمان ??نهنجي پيغمبر صه سان تمام گهڻي محب?? ۽ ??قيدت رکن ٿا. جهڙي طرح اولهه ۾ هالو ڪاسٽ بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي اهڙي طرح اسلام ۽ ٻين مذهبن جي مقدس شخصيتن جي عز?? ۽ ??ڪريم جي معاملي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.