اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان هتي ملاقات ڪئي، توانائي واري وزير انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم بابت معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب هن چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي فيصلي جا مثبت نتيجا سام??ون آيا آهن، وزيراعظم ڪ??رو??اري طبقي پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان حڪومتي فيصلي جي آجيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ انڊسٽري کي هر ??مڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.