اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته خطي ۾ ڀارت کي اهميت ڏيڻ جو آمريڪي طرز عمل خامين تي ٻڌل آهي، والاريل ڪشمير تي آمريڪا مان ٻنهي ملڪن سان هڪ جهڙي پاليسي جي اميد آهي، ڀارت چي??، بنگلاديش، سريلنڪا، پاڪستا?? جي لاءِ خطرو آهي، ڀارت نازي فلسفي تي هلندڙ فاشسٽ رياست آهي. اها ڳالهه هن جرمن خابرو اداري کي هڪ انٽرويو ڏيندي چئي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان هن چي?? ته پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون ذريعي ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪيو، پاڪستا?? جي حڪومت ڪورونا وائرس جو مڪمل ادراڪ ر??ي ٿي. انهي لاءِ اسان ڪجهه علائقن تي سخت پاليسي اختيار ڪئي، اسان زرعي سيڪٽر کي ٻيهر کوليو، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر کي کوليو ته جيئن روزاني جي بنياد تي ڪمائيندڙ متاثر نه ٿين.