اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران برطانوي ميوزيڪل بينڊ به پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته را??دي?? سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي ??ڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پاڪ برطانيه ??ڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيورسٽين وانگر ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ برطانوي مدد گهربل آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي ??روغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.