اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته غربت جي خلاف جهاد سدائين وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي، 27 مارچ 2019ع کان ممل??ت پاڪستان کي مديني ج?? رياست جي اصولن تي عمل پيرا ٿي هڪ فلائي رياست بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم احساس پروگرام جو بنياد رکيو، ڪووڊ 19 جي ڪري لاڪ ڊائون جي دوران مع??شي طور تي متاثر طبقي کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاڪستان لاڪ ڊائون جي پهرين 10 ڏينهن جي اندر 16.9 ملين مستحق خاندانن کي هڪ دفعي ج?? مالي مدد پهچائڻ جي لاءِ 203 بلين روپيا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ مختص ڪيا ويا، اهو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ پروگرام آهي ج??هن سان تقريبن 109ملين ماڻهو مستفيد ٿيا، هر مستحق اهل خان??ان کي 12 هزار روپين جي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ج?? حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪووڊ 19 وبا جي مشڪل جي ان گهڙي ۾ عوام کي ج??د کان جلد رليف پهچائڻ جي لاءِ احساس پروگرام جي ڊجيٽل سسٽم کي استعمال ۾ آندو ويو جيڪو گذريل هڪ سال ۾ جوڙيو ويو هو، هن چيو ته سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو ڊويزن احساس پروگرام تي عملدرآمد جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، احساس پنهنجي نوعيت جو واحد ۽ منفرد پروگرام آهي ج??ڪو پاڪستان جي پوئتي پيل طبقي ج?? بهتري لاءِ شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته احساس جي منفرد خصوصيت ان جي سگهه، پاليسي فارميشن، بهترين اسٽريٽجڪي، گورننس، مانيٽرنگ فريم ورڪ ۽ بجيٽ آهي ج??ڪا قومي سطح جي فلاحي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ مهيا ڪيا وي?? آهي، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ پنهنجي طرز جو منفرد پروگرام آهي ج??ڪو ملڪ جي لکين غريبن کي غربت جي ختم نه ٿيندڙ چڪر مان ڪڍي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ جي طرف هڪ قدم آهي.