اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. ق??نون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلا?? امن جو دين آهي، ان کي دهشتگردي سان ن?? ٿو ڳنڍي سگهجي، قانونسازي ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع غور ه??ٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته دهشتگردي جي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کا?? ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آهي اهو هن قانون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قانون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخص جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قانونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مين جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اسان کي ان جو تدارڪ ڪرڻو آه??. ق??نونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين ن??ب جو قانون ن?? ايندو ٻي قانونسازي نه ڪنداسين. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئي اسان کي اها قانونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.