اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي ع??دالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صو??ن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊي?? کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جانورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسا?? کي هي ع??د سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي مي?? کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي ع??ل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عمر چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبير?? کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.