اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪا?? معيد يوسف چيو آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي م??ڪ جي شهريت ناهي، مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي شهريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪو آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدن?? نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيداد ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيداد ناهي، غلط فهم?? نه ڦهلائي وڃي.