اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته اهي عوام کي سماجي مسئلن کان آگاهي جي لاءِ مسجدن ۾ پنهنجي خطبن ذريعي فعال ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشرتي سڌارن ۾ ع??لم سڳورن جي ڪردار جي عنوان سان فڪري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونس?? جي اهتمام هيٺ فڪري ويهڪ ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان، تع??يم، صحت، قانون ۽ م?? گهڙت خبرن جي موضوعن تي غور ڪيو ويو.