ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري طبقي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وز??را??ظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ۽ ڪاروباري طبقي جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزير علي زيدي، وفاقي وزير فيصل واوڊا، ??نڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشير علي محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وز??را??ظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا جي ح??ال?? سان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاروباري طبقي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وز??را??ظم عمران خان چيو ته ڪاروباري طبقو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.