اسلام آباد ?? 27 ??گسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته حڪومت صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ ه?? ممڪن ڪوششون جاري رکندي، اميد آه?? ته صحافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي ۽ حڪومت ۽ صحافين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين جي نمائنده تنظيم جي چونڊ جو معيار اعليٰ آهي، اميد آه?? ته نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي.