ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي بابت ڪامياب سفارتڪا??ي طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سان ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ ??اڳ??پا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي ترقي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي ??اڳ??پيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.