اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڪشمير جي م??صفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسپيڪر ڪش??ير?? عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪش??ير?? عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي فورمز تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي عزم کي دُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪشمير جي م??قعي تي جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي م??هايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آهي جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهن??ون فو??ون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو وڃي پيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ڪش??ير?? نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪش??ير?? عوام لاءِ قبرستان بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاريل ڪشمير ۾ سَوين عورتن جي عصمت زري ۽ ڪش??ير?? نوجوانن کي بيلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والايل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪش??ير?? عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻايو ويو آهي. اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪش??ير?? عوام جي بي مثال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪش??ير?? عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪشمير تحريڪ جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آهن ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪشمير مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.