اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مب??رڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعال??ٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مب??رڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منهنجي دعا آهي ته اسان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مب??رڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت ??هي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اه?? صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن مب??رڪ مهيني جي برڪت سان الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.