بيجنگ-27 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگرد حملن جي چين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ??عزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو ا??جنسي مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڪالهه پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته چين هر قسم جي دهشتگردي ??ي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي ??ي خاتمي وارين ڪاررواين کي اڳيان وڌائڻ، سماجي اتحاد ۽ استحڪام ک?? برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته چين پاڪستان سان دهشتگردي ??ي خاتمي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن گڏيل طور تي علائقائي امن امان جو تحفظ ڪري سگهجي.