راولپنڊي-20 ڊسمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساح?? شمشاد اردن جي دؤري دوران اردن جي بادشاهه عبدالله ٻئي ابن الحسين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سياسي، سفارتي ۽ فوجي سهڪار ۽ موجوده علائقائي سلامتي جي صورتحال سميت دلچسپيءَ جي مختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق اردن جي بادشاهه چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ساح?? شمشاد مرزا کي سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ميڊل آرڊر آف دي اسٽاف آف اردن سان نوازيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پنهنجي اردن جي هم منصب ميجر جنرل يوسف يوسف احمد الحسنيطي ۽ ادن جي هٿياربن?? فوج جي ڪمانڊر برگيڊي??ر جنرل محمد حيات سان به ڌار ڌار ملاقاتونڪيون.