اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻولي ??سلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻولي جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يون??ور??ٽي جي انتظام هيٺ ”عربي ٻولي کي هٿي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪردار“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻولي آهي جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جنهن جي رواني هر گذرندي ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمي اسلامي يون??ور??ٽي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻي?? ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يون??ور??ٽي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يون??ور??ٽيون به ا??نا??ين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پاڪ جي ٻولي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.