اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئ??ن ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئ??ن جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آئ??ني ادارو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن کان شڪايت آهي ته اهو اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار حڪومت وٽ نه آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪومت وٽ اهڙي مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اندر آئ??ني حڪومت آهي، اسان آئ??ني عم?? جي پيداوار آهيون، آئ??ن جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت ه?? هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.