اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي ل??ڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سينٽر ۾ ٿيو. اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت، ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت سينيئر صحافين، ڪالم نگارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي والده جي ل??ڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪ??دي چيو ته والده جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي، والدين جو ئي واحد رشتو آهي جيڪو پنهنجي ٻارن جي ترقي، صحتمند زندگي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ ڏينهن رات دعائون ڏين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان سڀ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مقررين چيو ته بزرگن جي ڇانوَ برڪت جو سبب هوندي آهي، والده جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي ڇو ته ان جي زندگي سدائين اسان جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿي. والده جي جدائي جي انتهائي ڏکويل موقعي تي صبر ڪرڻ ئي وقت جي گهرج آهي. ناليواري شاعر ۽ صحافي سيد رضا علي ڪاظمي پيغمبر خدا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۾ نعت رسول مقبول ﷺ ۽ ماءُ جي عظمت تي خوبصورت ڪلام پيش ڪيو. آخر ۾ حافظ طاهر خليل مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي ل??ءِ صبر جميل جي خصوصي دعا ڪرائي.