لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري پهرين تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزيراعظم کي هٿ سان ٺهيل پورٽريٽ بطور تحفو پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ?? ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ هنرمند نوجوانن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پاڪستان حڪومت مڪمل تعاون ۽ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. معاشري جي ترقي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ انتهائي اهم آهي. معاشري ۾ امن، هم آهنگي ۽ رواداري وڌائڻ جي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اداري جي شاگردن کي فارغ ??يڻ تي مبارڪباد ڏني.