اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا طارق جم??ل جي پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مولانا طارق جم??ل جي اوچتو لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو. جوان پٽ جي لاڏاڻي جي خبر ٻ??ڻ واقعي هڪ دردناڪ لمحو آهي. هن چيو ته منهنجون همدرديون عاصم جم??ل جي ڏکويلن ۽ مولانا طارق جم??ل سان گڏ آهن. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ آئون انهن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. ال??ه تعاليٰ مولانا طارق جم??ل ۽ سندس خاندان کي ان مشڪل گهڙيءَ ۾ صبر ۽ جم??ل عطا فرمائي ۽ کيس پٽ کان جدائي ج?? صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.