بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري دو??ان من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ??وآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ??مپ??ين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگ??ان وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبا?? دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگ??ان وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.