اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گم ٿيل ٻا??ن جي ڳولا ۽ آگاهي جي لاءِ حڪومت ۽ معاشري ۾ تعاون لازمي آهي، گم ٿيل ٻارن بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا ج?? لاءِ زارا هيلپ لائين ”1099“ جي ??والي سان آگاهي ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع (زارا) لاڳو ڪرڻ بابت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي اغوا ٿيل ۽ گم ٿيل ٻا??ن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سول سوسائٽي، اين جي ??وز، قومي ۽ صوبائي ادا??ن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو ته ز??نب الرٽ ايڪٽ بابت مقامي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته گم ٿيل ٻارن بابت شڪايتن ۽ ايف آءِ آر جي وقت سر داخلا يقيني بڻائڻ پوليس عملدا??ن جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ زينب الرٽ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃ??. صدر چيو ته گم ٿيل ٻا??ن جي شڪايتن تي مقامي پوليس جي ??يسپانس ٽائيم کي بهتر بڻائڻ گهرجي، مقامي پوليس گم ٿيل ٻا??ن جي ڳولا ج?? لاءِ فوري ڪارروائي ڪري. هن چيو ته ڪنهن ٻار جي گمشدگي کانپوءِ جا شروعاتي 24 ڪلاڪ ڳولا ۾ انتهائي اهم هوندا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته متاثر ٻارن ۽ انهن جي ??اندانن کي نفسياتي ۽ سماجي مشاورت فراهم ڪرڻ جي معاملي تي پڻ تعاون گهربل آهي. هن چيو ته گم ٿيل ٻا??ن جي حفاظت ۽ ڳولا ج?? لاءِ سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ادارا گڏيل تعاون کي فروغ ڏين. هن چيو ته زارا ايڪٽ جي ??وبائي ۽ ضلعي سطح تي لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ خامين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??رورت آهي. صدر هدايت ڪئي ته ان حوالي سان سول سوسائٽي ۽ اين جي ??وز سان مشاورت کانپوءِ بهتري جي لاءِ سڌاراجاتي قدم کنيا وڃ??، مناسب وسيلا ۽ ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري زارا ج?? ڪوريج کي پوري ملڪ تائين وڌايو وڃ??. هن چيو ته هيلپ لائين 1099، وزيراعظم سٽيزن پورٽل ۽ زارا ايپ تي گم ٿيل ٻارن بابت الرٽس ۽ شڪايتن جي ??هتر انتظام کي يقيني بڻايو وڃ??، گم ٿيل ٻا??ن جي معاملن تي شڪايت ڪندڙن کي 24 ڪلاڪ/7 ڏينهن سروس جي فراهمي ضروري آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي ??يڪريٽري الهه ڏنو خواجه، ڊائريڪٽر زارا، ٻا??ن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي ??وز جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.